ساجد سنڌي

ساجد سنڌي

ساجد سنڌي

ساجد سنڌي: سنڌ جي ناليواري شاعر صحافي ۽ پبلشر ساجد سنڌيءَ جو اصل نالو مير امام بخش ولد محمد صادق جاگيراڻي آهي. هن 5 مارچ 1978ع تي ڳوٺ سچي بخش جاگيراڻي، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان، مئٽرڪ، انٽر ۽ بي. اي جا امتحان لاڙڪاڻي مان پاس ڪيائين. ڪجھه عرصو آرميءَ ۾ ڪلارڪ طور پنهنجا فرض سرانجام ڏنائين. هن صحافت جي شروعات 1998ع کان هلال پاڪستان اخبار ۾ سب ايڊيٽر طور ڪئي، جنهن بعد ڪيترو ئي عرصو روزاني ‘خبرون’ ڪراچيءَ جو ايڊيشن ۽ ايڊيٽوريل صفحن جو انچارج رهيو، جنهن دوران عورتن لاءِ هفتيوار صفحو ‘سورٺ’، ادبي صفحي ‘مهراڻ رنگ’ سميت ٻارڙن لاءِ ڪيترائي ايڊيشن سندس ادارت ۾ جاري ٿيندا رهيا. ان کان علاوه ساجد سنڌي روزاني نجات ڪراچي، روزاني برسات، روزاني جاڳو، مقدمو، آسرو، عوامي فورم ۽ ٻين اخبارن ۾ نيوز ايڊيٽر طور پڻ ڪم ڪري چڪو آهي. هن وقت روزاني اخبار ’صوبه سنڌ‘ حيدرآباد جو ايڊيٽر ۽ روزاني سڪار اخبار جي ايڊيٽوريل صفحي ۽ ايڊيشن جو انچارج پڻ آهي. جڏهن ته روزاني ’سڪار‘ اخبار جو ادبي صفحو ’ڏات‘ سندس سڃاڻپ رهيو.
ساجد سنڌي ادبي دنيا ۾ ليکڪ طور 1991ع ۾ پير پاتو، جنهن دوران سنڌ جي ناليوارن شاعرن حڪيم ضياءُ الدين ‘ضياءَ’ جتوئي، سرڪش سنڌي ۽ ٻين سينئر شاعرن سندس رهنمائي ڪئي. هن شاعريءَ جي سڀني صنفن ۾ لکيو آهي. سندس ڪيترائي سياسي، سماجي ۽ ادبي موضوعن تي لکيل مضمون مختلف اخبارن ۾ شايع ٿيندا رهن ٿا. هو سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻي، گلشن حديد ڪراچي ۽ حيدرآباد سان به مختلف وقتن تي سلهاڙيل رهيو آهي. هن حيدرآباد مان ’سورٺ‘ نالي ادبي رسالو پڻ جاري ڪيو، جنهن جو پاڻ ايڊيٽر آهي. ساجد سنڌي ڪيترن ئي ادبي ڪتابن جا مهاڳ ۽ تاثر پڻ لکيا آهن، سندس شايع ٿيل ڪتابن ۾ ‘تون، مان ۽ خدا’ (شاعري: 2004ع)، ‘هاءِ هٺيلا هوڏي پريتم’ (مضمون: 2014ع) ۽ ‘سمبارا’ (شاعري: 2017) شامل آهن. جڏهن ته نثر توڙي نظم کان سواءِ ڪيترائي اڻ ترتيب مسودا جنهن ۾ ترجما، ڪهاڻيون ۽ ڪالم به شامل آهن، ڇپائيءَ جي اوسيئڙي ۾ آهن. کيس ڪيترائي مڃتا اوارڊ ملي چڪا آهن. هي حيدرآباد ۾ رهي ٿو.


لفظ ساجد سنڌيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1978.03.05  عيسوي

سنڌ جي ناليواري شاعر صحافي ۽ پبلشر ساجد سنڌيءَ جو اصل نالو مير امام بخش ولد محمد صادق جاگيراڻي آهي. هن 5 مارچ 1978ع تي ڳوٺ سچي بخش جاگيراڻي، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آنند پرڪاش مهاتما
عبدالستارآڪاش ٽکڙائي
سيد نجف علي شاهه ڪمتر نقوي
رفيق وقار کهڙو
پرديپ
شاهه عبداللطيف ڀٽائي
ڀٽو حبيب الله
اثر امام
پلي نمرو
مير محمد حسن علي خان ٽالپر
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون